سوامي سترامداس سڪايل

سوامي سترامداس ’سڪايل‘: سنڌي ڪافيءَ جو نامور شاعر روهڙيءَ لڳ هڪ ننڍي ڳوٺ جو ويٺل هو. سيد علي اڪبر شاهه ثاني (جان الله شاهه روهڙيءَ واري جي ستين سجاده نشين) جو طالب هو. ورهاڱي واري دور ۾ وفات ڪيائين. سترام سڪايل چڱو شاعر هو، سندس شعر کي تصوف ۽ ويدانيت جو اثر نمايان آهي. هن جون اڪثر ڪافيو ن وائيءَ جي فني گھاڙيٽي تي چيل آهن، سندس ڪلام جو نمونو هيٺينءَ ريت آهي:
سائين منهنجي حال سڻايو، قاصد پيش پرينءَ جي نيئي،
وڇوڙي جي مون آڳ اندر ۾، محبت مچ مچايو،
درد منهنجي جي دانهن سڀائي، ٻاروچل کي ٻڌايو،
ظاهر جانب جدا ٿي ويڙو، لڪندو ڪين لڪايو،
’سڪايل‘ کي سار سيد جي، جنهن ڏسندي ڏينهن وڃايو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو